ضياء الدين احمد برني 2

ضياءُ الدين احمد برني 2: ناليوارو صحافي، ليکڪ، ترجما نگار، ضياءُ الدين احمد برني 3 فيبروري 1890ع ۾ دهلي ۾ ڄائو. هن جو والد منشي محمد الدين پنهنجي دؤر جو مشهور خطاط هو. ان کان علاوه پاڪستان جو ناميارو خطاط ۽ خط نستعليق دهلويءَ طرز جو ماهر محمد يوسف دهلوي سندس ڀاءُ هو. ضياءَ الدين احمد برني تحريڪ پاڪستان ۾ تمام اهم ڪردار نڀايو. ورهاڱي بعد لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين جتي ’همدرد‘ رسالي جو سب ايڊيٽر رهيو. ان کان پوءِ ڪراچي مان ’ڪتابي دنيا‘ نالي رسالي جي باني ايڊيٽر طور ذميداريون نڀائيندورهيو. مولانا ابو الڪلام آزاد، مسز سروجني نائيدو، حڪيم اجمل خان ۽ خواجا حسن نظامي جهڙي شخصيتن سان گڏجي ڪم ڪيائين ۽ انهن سڀني بابت شخصي خاڪن تي رٿيل هڪ ڪتاب ’عظمت رفتان‘ نالي لکيائين. ان کان علاوه سندس لکيل ٻين مشهور تصنيفن ۾ ”تذڪره منشي ذڪا الله جمالدين افغاني“، ”جهان آرا بيگم“ ۽ ”لائف آف محمد“ شامل آهن. هن 4 مئي 1969ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ جي علائقي پاپوش نگر جي قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1890.02.03  عيسوي

ضياءُ الدين احمد برني 3 فيبروري 1890ع ۾ دهلي ۾ ڄائو.


1969.05.04  عيسوي

ضياء الدين احمد برني 4 مئي 1969ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ جي علائقي پاپوش نگر جي قبرستان ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم گل محمد قريشي
جتي ستي جمال شاهه
شـمس جـعـفـراڻي
شيرين عظيم
راج پٽ چندر برهمڻ
برهم گپت
احمد خان گويو
خليق الزمان مخدوم
ترخان مرزا محمد باقي بيگ
حميده کهڙو ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون